چٽوڙيءَ جو مقام

چٽوڙيءَ جو مقام

چٽوڙيءَ جو مقام

چٽوڙيءَ جو مقام: هي مقام ميرپورخاص شهر جي اتر ۾ ديهه 124 ۾ تقريباً 12 ايڪڙن تي ڦهليل آهي. هيءَ مقام ميرپورخاص جي ٽالپر حاڪمن جو خانداني قبرستان آهي، جنهن ۾ سڀ کان پهرين مير مسو خان کي سندس وصيت موجب دفن ڪيو ويو هو. هڪ روايت آهي ته ’ڏيئو فقير ڪنجواڻي، پير نور شاهه قريشي ۽ مير مسو خان هڪ دفعي شڪار تي نڪتا ۽ چٽوڙيءَ جي ميدان تي اچي آرام ڪيائون ۽ چيائون ته هيءُ ميدان ڇٽل آهي، انهيءَ ڪري ٽنهي واعدو ڪيو ته هت پنهنجو قبرستان قائم ڪنداسون. آخر ٽنهي ڄڻن کي هن ئي جڳهه تي دفن ڪيو ويو. ان کان پوءِ آهستي آهستي هيءُ هڪ وڏو قبرستان ٺهي ويو. هن وقت هيءُ قبرستان پنجٽيهن ايڪڙن جي ايراضيءَ تي پکڙيل آهي ۽ قديم آثارن واري کاتي جي سنڀال هيٺ آهن.
هي ميرپورخاص جي حاڪم ميرن جو خانداني قبرستان آهي، جنهن ۾ پهرين مير مسو خان سندس وصيت موجب دفن ڪيو ويو. هن وقت گهاڙين کان سواءِ هن قبرستان ۾ ڪل 13 مقبرا بيٺل آهن، جيڪي سڀ جا سڀ خسته حال آهن. مقام مرڪزي قديم آثارن واري کاتي جي حوالي رهيو، جنهن هن ماڳ تي ڪو به ڪم نه ڪرايو. هن وقت ٻين ماڳن سان گڏجي قبرستان به سنڌ جي ڪلچر اينڊ اينٽيڪيوٽي کاتي حوالي آهي. هن ۾ هيٺين ميرن جا مقبرا بيٺل آهن:
(1) مير خان ولد مير ڪرم علي خان ٽالپر، (2) پڪ سرو مقبرو عرضي کوکر، (3) مير جادي خان جو مقبرو، (4) مير مراد خان جو مقبرو، (5) مير راڄي خان جو مقبرو، (6) پڪسرو مقبرو شهيد ڪپري، (7) مير موسيٰ خان جو مقبرو، (8) اڻ ڄاتو مقبرو اتر اولهه طرف (نمبر 7)، (9) پٿرائون قبو اولهه طرف (نمبر 8)، (10) پٿرائون قبو اولهه طرف (نمبر 9)، (11) مير فتح خان ۽ مير مرزا خان جو مقبرو، (12) ميرن جا حرم، (13) مسجد ۽ مقبري جا کنڊر.
مقبرن تي ڪاشيءَ جو سهڻو ڪم ٿيل آهي. قبرون گهڻو ڪري اُڪير واريون پٿر جون آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو